حافظ محمد اسماعيل کڏي وارو

حافظ محمد اسماعيل کڏي وارو: حافظ محمد اسماعيل جو جنم 4 نومبر 1940ع تي آزادي تحريڪ جي اڳواڻ ۽ انقلابي شخصيت مولانا محمد صادق کڏي واري جي گهر ۾ ٿيو. هي مولانا محمد صادق جو اڪيلو فرزند هو. 12 سالن جو هو ته سندس والد وفات ڪري ويو. سندس تعليم ۽ تربيت استاد حافظ فضل احمد ڪئي. حافظ فضل احمد مولانا محمد صادق جو شاگرد ۽ ان کانپوءِ مدرسه مظهرالعلوم ايسوسيئيشن جو صدر، مهتمم ۽ مفتيءَ جو منصب سنڀاليو. ان کان اڳ هو جمعيت علماءِ سنڌ ۽ مولانا سنڌي ۽ مولانا محمد صادق سان گڏ ڪم ڪري چڪو هو. حافظ محمد اسماعيل 23 سالن جي عمر ۾ ديني تعليم مڪمل ڪري دستار فضيلت حاصل ڪئي ته حافظ فضل احمد کيس مدرسي جي ذميواري حوالي ڪئي. حافظ محمد اسماعيل مدرسي جي اهتمام ۽ فتويٰ جو منصب سنڀالڻ سان گڏ سياسي سرگرمين ۾ به حصو وٺڻ شروع ڪيو. مولانا الهه ورايو بروهي مدرسي سان گڏ سياسي ڪم ۾ به سندس ٻانهن ٻيلي بڻيو. هن پنهنجي سياست جي شروعات ون يونٽ دوران جمعيت علماءِ اسلام جي پليٽ فارم تان ڪئي.
حافظ صاحب کي ون يونٽ واري دور ۾ جي. يو. آءِ ڪراچي ڊويزن جو صدر ۽ مرڪزي مجلس عامله جو ميمبر چونڊيو ويو. هن جي. يو. آءِ کي منظم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ان سلسلي ۾ بنگلاديش جو سفر به ڪيو. ون يونٽ ختم ٿيڻ ۽ صوبن جي بحال ٿيڻ تي هيءُ جي. يو. آءِ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. ون يونٽ جي خاتمي تي حافظ صاحب سڪرنڊ ۾ جي آءِ جو صوبائي ڪنوينشن ڪوٺايو ۽ سنڌ جي مسئلن بابت مرڪز کان مطالبن تي مشتمل پاليسي منظور ڪرائي. ‘سڪرنڊ ڪنوينشن’ کي سنڌي عالمن پاران سنڌ جي حقن جو هڪ چارٽر آف ڊمانڊ چئي سگهجي ٿو. حافظ صاحب ڪجهه وقت ‘جمعيت الانصار’ ۽ ڪجهه وقت ‘سنڌ ساگر پارٽي’ جي نالي سان ڪم ڪيو، جنهن ۾ مولانا عزيزالله ٻوهيو به حافظ صاحب سان شامل ٿيو. 1980ع ۾ هن ‘الصادق’ جي نالي سان سنڌيءَ ۾ ماهوار رسالو جاري ڪيو، جنهن ۾ سنڌ جي سياسي ۽ اقتصادي مسئلن ۽ حقن تي ڀرپور آواز اٿاريو ۽ 1984ع ۾ سنڌ ساگر پارٽي کي ورهاڱي کان اڳ واري جمعيت علماءِ سنڌ جي نالي سان ٻيهر سرگرم ڪيو ويو. هي جمعيت علماءِ سنڌ ۾ ماهوار الصادق جي پليٽ فارم تان سنڌ جي حقن لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪندو رهيو، ضياءَ دور ۾ جڏهن افغانستان ۾ جهاد جي نالي تي پاڪستان جون مذهبي جماعتون مذهب کي مغربي مفادن لاءِ استعمال ڪري رهيون هيون ته حافظ صاحب ان جي کليءَ طرح علي الاعلان مخالفت ڪئي. هو نام نهاد افغان جهاد کي فساد ۽ افغان مهاجرن کي افغان ڀڳوڙا چوندو ۽ لکندو رهيو، جنهن تان ضياءَ آمريت جي دور ۾ کيس گرفتار به ڪيو ويو، الصادق رسالي جون ڪاپيون ضبط ڪري پريس جي مالڪ کي به گرفتار ڪيو ويو. حافظ صاحب جمعيت علماءِ سنڌ جي پليٽ فارم تان ‘سنڌي عوام جي قومي اتحاد’ ۽ بعد ۾ ‘سنڌ قومي اتحاد’ ٺهڻ وقت به پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪيو.
سنڌي اديبن ۽ دانشورن کي هڪ پليٽ فارم تي جمع ڪرڻ لاءِ ”سنڌ امن ڪائونسل“ جوڙيائين، جنهن ۾ سنڌ جو بزرگ دانشور محمد ابراهيم جويو ۽ علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي اديب ۽ دانشور شامل هئا. جي ايم سيد، مير رسول بخش ٽالپر مير علي احمد ٽالپر،ڪامريڊ روچيرام مير محمد ٽالپر سان به حافظ صاحب جا دوستاڻا تعلقات هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1940.11.04  عيسوي

حافظ محمد اسماعيل جو جنم 4 نومبر 1940ع تي آزادي تحريڪ جي اڳواڻ ۽ انقلابي شخصيت مولانا محمد صادق کڏي واري جي گهر ۾ ٿيو.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شهاب الدين نهڙي مولوي
عـبـدالواحد علامه
احمد ٺٽوي ملا
پير الاهي بخش انصاري محبوب الاهي
سيد محمد شاهه
قاضي عزيز الله ڏيٿو مٽياروي
عبدالواحد سنڌي مولانا
سيد محمد عابد شاهه جيلاني ثاني
خليفو محمد يعقوب همايوني
عبدالله هالائي مولانا
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون